ريڊيئيشن سڪنيس

ريڊيئيشن سڪنيس

ريڊيئيشن سڪنيس

ريڊيئيشن سڪنيس (Radiation Sickness: تابڪاري بيماري): ريڊيئيشن سڪنيس کي اڪيوٽ ريڊيئيشن سڪنيس (Acute Radiation Sickness)، تابڪاري زهر (ريڊيئيشن پوائزننگ: Radiation Poisoning) ۽ ريڊيئيشن ٽاڪسيسٽي ((Radiation Toxicity به سڏجي ٿو.
تابڪار شعاعن جي جسم تي هاڃيڪار اثرن کي شعاعن جي بيماري چئجي ٿو، پر اهي شعاع ڪهڙا اثر وجهن ٿا، ان بابت اڃا پڪ نه ٿي سگهي آهي.
ڪيترا انساني ريشا/ ٽشو شعاعن لاءِ وڌيڪ حساس ٿين ٿا ۽ سولائيءَ سان متاثر ٿي پون ٿا. انهن ۾ رت ٺاهيندڙ ٽشو (هڏي جي مک-تري ۽ لمف نوڊ) ته انتهائي حساس ٿين ٿا. شعاعن جي بيماري، هڪ وقت خارج ٿيندڙ تمام وڏي نيوڪلائي ڌماڪي (جهڙوڪ: هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ) ۾ وائکي (expose) ٿيڻ جي ڪري بار بار ڪنهن وڏي مقدار يا ڪنهن تجربيگاهه يا ڪارخاني ۾ هلڪن وزنن ۾ وائکي ٿيڻ ڪري به ٿي سگهي ٿو، ڇو ته شعاعن جا اثر آهستي آهستي گڏ ٿيندا وڌندا رهن ٿا.
ساڳيءَ طرح سج جي الٽرا وايوليٽ ڪرڻن ۾ وائکي ٿيڻ ڪري جسماني ٽِشن جي تباهي ٿئي ٿي ته منجهن اهڙيون جينياتي تبديليون به پيدا ڪن ٿا، جنهن سبب چمڙيءَ جي ڪينسر ٿيو پوي. شعاعن جي بيماري هلڪي ۽ عارضي به ٿي سگهي ٿي، جنهن سبب ڪمزوري ٿئي ٿي، بک مري وڃي ٿي، الٽي ۽ دست ٿي پون ٿا. شعاعن جي هلڪي وزن سبب رت پيدا ڪندڙ سيل ڪنهن حد تائين تباهه ٿي وڃن ٿا، جنهنڪري رت جي سيلن ۽ پليٽيليٽس/ ريزن (Platelets) جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي. شعاعن جي وڏي وزن سبب ان جو رد عمل ايترو شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، جو اهڙو فرد هڪدم موت جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جنهن جو ڪارڻ رت جي شديد کوٽ/ رت هير (Hemorrhage) ايڪريز/ بيماري يا جسم جو سوڪهڙي (Dehydration) جو شڪار ٿيڻ ٿـي سگهـي ٿـو. انتهــائـي وڏي وزن ڪري مغزي ٽشو تباهه ٿي وڃن ٿا ۽ عـام طور 48 ڪلاڪن اندر ماڻهو مري وڃي ٿو، جيئــن: چـرنـوبــال (Chernobyl) جي حادثي وقت ٿيو. شعاعن جي تابڪاريءَ واري بيماريءَ جو علاج موجود ناهي، جڏهن ته اهو ممڪن آهي ته شعاعن جي موتمار وزنن جو شڪار ٿيل فرد هڏي جي مِک جي روت/ پيوند ڪرڻ وقت زندهه رهي سگهي ٿو. شعاعن سبب ٿيندڙ ٿائرائيڊ غدود جي ڪينسر جو پوٽيشيم آيو ڊائيڊ (Potassium Iodide) رستي بچاءُ ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ بهتر آهي ته اها دوا شعاعن ۾ وائکي ٿيڻ کان چار ڪلاڪ اڳ استعمال ڪئي وڃي. شعاعن سبب جسم جي سيلن ۾ جينياتي تبديليون اچن ٿيون، جنهنڪري اهڙن متاثر ماڻهن جي اولاد ۾ به اهي پيدا ٿين ٿيون.
جپان ۾ هنيل ايٽمي بمن جون جينياتي تبديليون اڄ به اتي جي ڪيترن ماڻهن ۾ موجود آهن ۽ چرنو بال سانحي کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ اهي تبديليون پيدا ٿينديون رهنديون.
اهو ئي ڪارڻ آهي، جو تابڪاري ۽ ايڪسري جو ڪم ڪندڙ ماڻهو خاص لباسن (جن ۾ عام طور شيهو موجود هوندو آهي) ذريعي بچاءُ ڪن ٿا.


لفظ ريڊيئيشن سڪنيسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو